پياسي نظر چانڊيو

پياسي نظر چانڊيو

پياسي نظر چانڊيو

پياسي نظر چانڊيو: برک شاعر پياسي نظر چانڊيي جو جنم پهرين جنوري 1978ع تي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ ٿيو، مئٽرڪ خيرپور ناٿن شاهه مان 1986ع ۾ ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. شاعريءَ ڏانهن سندس لاڙو 1990ع ڌاري ٿيو. مختلف سنڌي رسالن، اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهندي آهي، روزگار سانگي جده، سعودي عرب هليو ويو، جتي وطن سان محبت جو اظهار شاعريءَ ذريعي ڪيائين. 1993ع ۾ قومي فنڪار سرمد سنڌي حج لاءِ سعوديءَ ويو. جتي سندس ملاقات پياسي نظر سان ٿي، آخر تائين ٻنهيءَ جي دوستي قائم رهي، سرمد سنڌيءَ نظر چانڊئي جا ڪيترائي گيت ”تنهنجي دل مونسان“ سميت ڳائي کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول/مشهور ڪيو. نظر چانڊيي پاڻ سان رچايل رهاڻ ۾ مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌايو. هيءُ جدي ۾ سنڌي نوجوانن جي هڙان وڙان مدد ڪري کين روزگار ڏياريندو رهي ٿو. جدي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو الحاق وٺي سنڌي شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيائين. کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جدي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون الحاق ورتو. سندس شاعري سرمد سنڌي، احمد مغل، ماروي سنڌو، ساگر سنڌي سميت مڙني فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”ڏوٿيئڙن جو ڏيهه“ 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هيءُ هن وقت جده شهر ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو